رياض: سعودي عرب ۾ ڪورونا وائرس جي پيش نظر مسلسل ٻئي سال به پرڏيهي حج پانڌيئڙن مٿان پابندي لڳائڻ تي غور ٿي رهيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب پابندي لڳائڻ جي حوالي سان مشاورت ٿي چڪي آهي پر حتمي فيصلو ناهي ڪيو ويو. شروع ۾ سعودي اختيارين پرڏيهي حج پانڌيئڙن جي ميزباني ڪرڻ جو رٿيو هو ، پر ڪورونا جي نون قسمن بعد ان تجويز کي هاڻ رد ڪيو ويو آهي، هاڻ انهن مقامي حج پانڌيئڙن کي اجازت ڏني ويندي جن کي ڪورونا کان بچاءَ جي ويڪسين لڳي چڪي آهي يا جيڪي وائرس مان 6 مهينا اڳ صحتياب ٿي چڪا آهن.