ڪنڌڪوٽ: هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل 9 ڄڻن جي جنازه نماز ادا، مڙهه مٽي ماءُ حوالي

0
442

ڪنڌڪوٽ ويجهو ڳوٺ پيراڻو ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل 9 ڄڻن جي جنازه نماز ڳوٺ رئيس مينگل چاچڙ ۾ ادا ڪئي وئي آهي، جنازي نماز ۾ علائقي جي هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي، وارثن مقتولن جا مڙهه سوين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪري ڇڏيا، جنازي نماز ۾ ضلعي انتظاميه سوڌو ڪنهن به چونڊيل نمائيندي شرڪت نه ڪئي، هٿياربندن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ٿي سگهي آهي ۽ نه ئي ڪيس داخل ٿيو آهي، واضح رهي ته گذريل ڏهاڙي دراني مهر جَي ڪچي ۾ سبزوئي ۽ جاگيراڻي برادري هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ ٽن ڀائرن سوڌو 9 ڄڻا مارجي ويا هئا ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيوهو مارجي ويلن ۾ الهه ورايو چاچڙ جا 3 پٽ حامد، خالق ۽ حضور سوڌو شعبان پٽ خالق، شاھه مراد پٽ واحد، منظور پٽ محمد، انور پٽ واحد، الهه ورايو پٽ شاھه مراد چاچڙ به شامل آهن، پوليس موجب جاگيراڻي، سبزوئي ۽ چاچڙ برادرين ۾ 4 سال اڳ مال ڦرڻ تان شروع ٿيل تڪرار ۾ هيل تائين ٽنهي ڌرين جا 20 کان وڌيڪ ماڻهو قتل ٿي چڪا….