ڪراچي: هندي سمنڊ ۾ بَرپا ٿيل طوفان جا سنڌ ۾ اثر

0
375

ڪراچي: هندي سمنڊ ۾ بَرپا ٿيل طوفان جا سنڌ ۾ اثر، ٺٽو، بدين، ٿرپارڪر، ميرپور خاص، عمرڪوٽ ۽ سانگهڙ ضلعن ۾ 17 کان 20 مئي تائين گجگوڙ سان برسات جِي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، ڪراچي، حيدرآباد، دادو ۽ نوابشاهه ۾ 18کان 20 مئي تائين مٽي جَي طوفان سان گڏ تيز برسات جو امڪان آهي، لاڙڪاڻو، شڪارپور ۽ جيڪب آباد ضلعن ۾ 18 کان 20 مئي تائين تيز برسات جِي به اڳڪٿي ڪئي وئي، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته طوفان سامونڊي هوائون پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿو، جنهن سبب سنڌ جَي مختلف علائقن ۾ اڄ کان 17 مئي تائين گرمي جِي لهر ۾ شدت اچي سگهي ٿي، ڪراچي ۾ پارو 42 کان 43 سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جو امڪان آهي.