ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارو قومي شاهراهه تي هڪ تيز رفتار ڪار ڪلٽي ٿي وڻ سان ٽڪرائجي وئي، لاهور واسي نينگر عثمان گجر فوت، 3 ڄڻا زخمي، عيد ڪرڻ لاءِ ويندڙن جون خوشيون ماتم ۾ تبديل، سي اين جي ملازمن ڪار کي ڪٽي زخمين کي ڪڍي تعلقي اسپتال پهچايو. ان سلسلي ۾ ڪنڊيارو قومي شاهراهه تي سيد سي اين جي سامهون ڪراچي کان لاهور طرف ويندڙ ھڪ تيز رفتار ڪار ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ڪلٽي ٿي وڻ سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڪار جي وڻ سان ٽڪرائجڻ وقت ٿيل زوردار ڌماڪي سبب سي اين جي ملازمن واقعي واري هنڌ پهچي ڪار کٽي زخمين کي ڪار مان ڪڍي کين نازڪ حالت ۾ تعلقي اسپتال ڪنڊيارو پهچايو، جتي هڪ زخمي لاهور واسي 14 سالن جو نينگر عثمان گجر فوت ٿي ويو. جڏھن ته عبدالطيف گجر، انس ميمڻ ۽ بلاول سخت زخمي ٿي پيا. هوڏانهن بعد ۾ اطلاع ملڻ تي موٽر وي پوليس ڪنڊيارو اسپتال پهچي ضروري ڪاروائي بعد نوجوان عثمان گجر جو لاش سندس ڳوٺ روانو ڪيو، جڏھن ته سمورن زخمين کي نازڪ حالت ۾ ڪراچي منتقل ڪيو ويو.