ميانمار ۾ فوجي بغاوت کي 100 ڏينهن مڪمل: سونهن راڻي هٿيار کڻي ورتا

0
357

رنگون (م ڊ) ميانمار ۾ فوجي بغاوت کي 100 ڏينهن مڪمل ٿي ويا آهن پر ملڪ ۾ اڃا تائين صورتحال معمول تي اچي ناهي سگهي. جڏهن ته ميانمار جي اڳوڻي سونهن راڻي به باغين سان ملي فوج خلاف هٿيار کڻي ورتا آهن. هن هڪ رائفل سان پنهنجي تصوير فيس بڪ تي پوسٽ ڪئي آهي. 2013ع ۾ حسن جي مقابلي ۾ شرڪت ڪندڙ ٽار ٽيٽ پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته هاڻ وقت اچي ويو آهي ته مزاحمتي جنگ ڪجي، چاهي توهان هٿيار کڻو يا قلم ۽ ڪي بورڊ جي مدد سان جمهوريت نواز تحريڪ ۾ شامل ٿيو ۽ ان لاءِ چندو گڏ ڪريو، هر ڪنهن تي لازم آهي ته اسان جي انقلابي مهم کي ڪامياب بڻائڻ ۾ پنهنجو حصو وجهي. ٻئي طرف فوجي بغاوت کي 100 ڏينهن مڪمل ٿيا آهن ان دوران 750 احتجاج ڪندڙ ماريا ويا آهن.