کهڙا (ن پ ا)کهڙا ۾ اڄڻ نوجوان اتحاد پاران روبينا اڄڻ جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف ڪامريڊ علي حيدر اڄڻ، سجاد علي اڄن، امعشوق علي اڄڻ، محمد قاسم اڄڻ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته 22 ڏينهن گذرڻ باوجود مقتول ناري سان انصاف ٿي نه سگهيو آهي، جڏهن ته بااثر قتل ۾ ملوث درگاھ جي فقيرياڻي شهزادي کي بچائڻ چاهين ٿا. هنن مطالبو ڪيو ته ناري روبينا اڄڻ جا حقيقي قاتل گرفتار ڪري کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ۽ لاوارث ڄاڻائي ڪنڊياري جي قبرستان ۾ دفن ڪيل ناري جو لاش سندن وارثن حوالي ڪيو وڃي. هوڏانهن ڊي جي ھيلٿ حيدرآباد جي حڪم پوليس سرجن نوابشاهه پاران ڪنڊياري ۾ دفن ڪيل ناري روبينا اڄڻ جي قبر ڪشائي ڪري پوسٽ مارٽم ڪرائڻ ۽ لاش وارثن حوالي ڪرڻ بابت اڄ 17 جون جي تاريخ مقرر ٿيل آهي.