ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙي ٿاڻي جي لڳ جنرل اسٽور مان ٿيل چوري جي سي سي ٽي وي وڊيو سامهون اچي وئي . چور دڪان ۾ گهڙي اڍائي ڪلاڪن تائين چوري ڪندو رهيو. چور دڪان جي ڇت ۾ لڳل پنکو کولي پگهر ۾ پسيل قميس لاهي سڪائي ۽ آرام سان چوري ڪندو رهيو، ڪوٽڙي ٿاڻي جي ٿوري مفاصلي تي ڪوٽڙي جي مک چوڪ وٽ قائم جنرل اسٽور مان دڪان جي دري ڀڃي چور چار لک اسي هزار روڪ رقم، ۽ 8 لک رپين جو سامان چوري ڪري ويو. ڪوٽڙي ۾ ڏوهن ۾ اضافو، پوليس اگهور ننڊ ستل، دڪانن مان ۽ گهرن مان چوريون ۽ موٽرسائيڪلن جي چوري جا واقعا معمول بڻجي ويون آهن جنهن سبب شهرين ۾ خوف پکڙيل آهن، ڪوٽڙي شهر جي المدينه چوڪ لڳ المدينه جنرل اسٽور مان رات جو دير سان اڻڄاتل چور جنرل اسٽور جي دري ٽوڙي اسٽور اندر داخل ٿيو اسٽور ۾ موجود روڪ رقم، پرفيوم سگريٽ سميت ٻيو 8 لکن جو سامان چوري ڪري فرار ٿي ويو. دڪان مالڪ پاران چوري جي رپورٽ ڪوٽڙي ٿاڻي تي داخل ڪرائي وئي پر پوليس ڪک ڇني ٻيڻو نه ڪيو، رابطو ڪرڻ تي ڪوٽڙي پوکيس جوچوڻ هيو ته واقعي جي اين سي داخل ڪري سي سي ٽي وي ۾ نظر ايندڙ چور جي ڳولها شروع ڪري ڇڏي آهي.