ڪنري (ن پ ا) ٽنڊو باگو ويجهو سوا چار مھينا اڳ رند برادري جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار تان قتل ٿيل نوجوان جي  قتل جو راڄوڻي نبيرو، 10 لک زمين جو معاوضو ۽ 20 لک ڏنڊ، ڌريون کير کنڊ. خبر موجب ٽنڊو باگو جي علائقي ڳوٺ ٺارو خان رند لڳ خليفو قاسم ۾ سوا چار مھينا اڳ زميني تڪرار تان رند برادري ۾ ٿيل جيھڙي دوران قتل ٿيل 35 ورھين جي غلام مصطفيٰ رند جي قتل جو راڄوڻي نبيرو ڪنري ويجھو ڳوٺ شير خان رند ۾ دوست علي رند جي اوطاق تي راڄوڻي نبيرو ٿيو، نبيري ۾ ارباب انور، ارباب عنايت، اصغر رند، خليفو عبدالخالق، ذوالفقار رند ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ٻنھي ڌرين جي ڳالھين بعد تڪرار ھيٺ آيل زمين جي 3 ايڪڙ مقتول ڌر جي ثابت ٿي جنھن جو معاوضو 10 لک رپيا ۽ خون بھا 20 لک رپيا جوابدار ڌر تي پيو، جيڪا رقم مقتول نوجوان جي ڌر کي ادا ڪئي ويندي، نبيري بعد ڌريون کير کنڊ ٿي ويون.