لاهور (م ڊ) پنجاب حڪومت جي ترجمان فياض الحسن چوهاڻ چيو آهي ته عوام هاڻ باشعور ٿي چڪو آهي. شهباز شريف جي حڪومت واري خواهش صرف خواهش ئي رهجي ويندي، پنهنجي سيٽ نه کٽيندڙ مولانا فضل الرحمان پي ڊي ايم جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي چاليهه سان پنجاب مٿان حڪومت ڪندڙن کي هڪ ٻئي موقعي جو انتظار حيرت جوڳو بيان آهي.