ڪنري: آرمي جو ڪيپٽن سڏرائي ڦرلٽ ڪندڙ جوابدار سوگهو، جيل حوالي

0
390
ڪنري: آرمي جو ڪيپٽن سڏرائي

ڪنري (ن پ ا)  ڪنري پوليس ڪارروائي ڪري آرمي جو ڪيپٽن سڏرائي شهرين کي بليڪ ميل ڪندڙ نوجوان حمزا  آرائين کي گرفتار ڪري ورتو

گرفتار نوجوان حمزا آرائين خلاف پاڪ فوج جي وردي استعمال  ڪرڻ ۽ پاڻ کي ڪيپٽن ظاهر ڪرڻ، بليڪ ميل ڪرڻ ۽ خانگي ماڻھو هجڻ تي سرڪاري عهدو ظاهر ڪرڻ جو ڪنري ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

پوليس موجب حمزا آرائين پاڻ کي ڪيپٽن علي ظاهر ڪري ٽڪ ٽاڪ تي فوٽو ۽ وڊيو اپ لوڊ ڪيون ۽ ان آڌار تي ماڻھن کي بليڪ ميل ڪندو هو

گرفتار جوابدار حمزا آرائين کي رمانڊ لاءِ سول ڪورٽ ڪنري ۾ پيش ڪيو ويو جتي عدالت ٽن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو