سجاول ڀرسان 9 ڀاتي پر اسرار بيماري سبب اذيتن واري زندگي گھارڻ تي مجبور

0
1867
سجاول ڀرسان 9 ڀاتي پر اسرار

سجاول (رپورٽر) سجاول لڳ ٻيلو روڊ تي ڳوٺ نياز ملاح المعروف معذورن جو ڳوٺ واسي هڪ ئي گهر جا 9 ڀاتي پراسرار بيماري ۾ مبتلا ٿي اذيت واري زندگي گذاري رهيا آهن

ڳوٺاڻن عبدالمجيد ملاح، علي اڪبر، گل محمد ولد سائين ڏنو ملاح، اسد علي ولد پپو ملاح، صالح محمد، ڀيڻ سائيننا، شاهده ولد عارب ملاح، شاهنواز، ڀيڻ ياسمين ملاح پنهنجي اخبار کي پنهنجي درد ڪٿا ٻڌائيندي چيو آهي ته اسان پاڻ ۾ ڀاءُ ڀيڻ ۽ سوٽ ماسات ڄائي ڄم کان بلڪل تندرست هوندا آهيون ۽ ستن سالن جي ڄمار ۾ اچڻ کانپوءِ اسان پراسرار بيماري ۾ مبتلا ٿي وڃون ٿا جنهن ۾ اسان جي هٿن، پيرن، ڪنن نڪ ۽ زبان جو ماس ڳرڻ شروع ٿي وڃي ٿو ۽ اکين جو نور پڻ ختم ٿي وڃي ٿو

جنهن سبب اسان معذوري ۽ بي نيائي واري شديد تڪليفن واري زندگي گذاري رهيا آهيون، هنن ٻڌايو ته جسم جي مختلف عضون جو ماس ڪرڻ سبب اتي ٿيندڙ زخمن ۾ انتهائي گندگي ۽ بدبو ٿي وڃي ٿي، جنهن تي اسان کي روز نيون پٽيون ڪرڻيون پون ٿيون، هنن ٻڌايو ته هن بيماري سبب اسان جا ٽي ڀاءُ ڀيڻ فوت پڻ ٿي چڪا آهن

اسان جي هڪ ڀيڻ شاهده ڪراچي اسپتال ۾ داخل آهي، جيڪا زندگي ۽ موت جي جنگ وڙهي رهي آهي۔ هنن ٻڌايو ته اسان مقامي ڊاڪٽرن کان چڪ اپ ڪرايو آهي جيڪي چون ٿا ته هي هڪ پراسرار بيماري آهي جنهن جو علاج اسان کان نه ٿي سگهندو، ۽ توهان ڪراچي جي ڪنهن وڏي اسپتال مان پنهنجو علاج ڪرايو ته توهان ٺيڪ ٿي سگهو ٿا، هنن چيو ته اسان غريب مسڪين هڪ ويلو کائڻ لاءِ به سخت پريشان هوندا آهيون، مقامي ڊاڪٽرن کان علاج ڪرائڻ لاءِ به اسان وٽ پئسا ناهن ۽ اسان ڪراچي جي اسپتال مان ته علاج ڪرائڻ جو سوچي به نٿا سگهون

هنن جو چوڻ هو ته اسان پنهنجو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ ۽ مالي سهائتا لاءِ گذريل ڪيترن ئي سالن کان پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي سهاري سان وس وارن کي اپيلون ڪيون آهن پر اسان جي ڪنهن به سار نه لڌي آهي۔ هن چيو ته اسان پنهنجو مڪمل سٺو علاج ڪرائڻ جو سوچي معذور ڪوٽا تحت نوڪريون حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا مختلف کاتن ۾ ڪاغذ پڻ جمع ڪرايا آهن پر اسان کي ڪٿي به معذور ڪوٽا تحت نوڪريون به نه ملي سگهيون آهن۔ هنن چيو ته اسان وزير اعظم پاڪستان، وزير اعليٰ سنڌ سميت سجاول جي چونڊيل نمائندن ۽ وس وارن کي اپيل ڪريون ٿا ته سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائي اذيت کان نجات ڏياري وڃي