ڪنب (ن پ ا)ڪنب لڳ ڳوٺ گلشيرسولنگي واسي ڏهن ورهين جو نينگر ٻن  ڏينهن کان پراسرار نموني گم، وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاهر. خبر موجب ڪنب لڳ ڳوٺ گلشير سولنگي واسي 10 سالن جو نينگر مرتضيٰ ولد هدايت علي سولنگي ٻن ڏينهن کان پراسرار نموني گم آهي. سندن والد هدايت علي سولنگي دانهيندي ٻڌايو ته گذريل شام منهنجو پٽ جهنڊا شاخ ويو هو، واپس ناهي آيو، اسان نينگر جي ڪافي ڳولا ڪئي آھي پر ڪٿان به هن جو ڏس پتو نٿو ملي، غريب مسڪين آھيون، اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، اسان کي نينگر جي اغوا جو شڪ آھي. هن ايس ايس پي خيرپور ۽ وسوارن کان مطالبو ڪيو ته پٽ جي ڳولا ۾ سندن مدد ڪئي وڃي.