ڪم ڪوبه نه، پگهار سوا 2 لک رپيا ماهوار، اين جي او جي انوکي اسڪيم

0
705

برلن(دلچسپ نيوز) ڪم ڪوبه نه، پگهار سوا 2 لک رپيا ماهوار، اين جي او جي انوکي اسڪيم ۾ لکين درخواستون جمع ٿي ويون. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب جرمني ۾ هڪ اين جي او “غيرمشروط آمدني مان گذارو ڪيئن ٿيندو” اسڪيم متعارف ڪرائي ڇڏي آهي. ان اسڪيم تحت اين جي او پاران 120 ماڻهن جي چونڊ ڪري کين هر مهيني في شخص 2 لک 25 هزاررپيا پگهار ڏنو ويندو، پگهار حاصل ڪندڙ هر شخص کان 7 ڀيرا سوالنامو ڀرايو ويندو ته جيئن سندن روين جي ڄاڻ ملي سگهي، اين جي او پاران ٽن سالن تائين پگهار ڏنو ويندو، جنهن دوران في ماڻهو 81 لک رپيا حاصل ڪري وٺندو جڏهن ته سروي لاءِ اين جي او کي 1500 ماڻهن جي ضرورت آهي جن مان 120 جي چونڊ ٿيندي پر هن مهل تائين اين جي او وٽ 15 لک درخواستون جمع ٿي چڪيون آهن جيڪي گهر ويٺي اها پگهار حاصل ڪرڻ جا خواهشمند آهن. ان حوالي سان اين جي او جو چوڻ آهي ته ڏسڻ چاهيون ٿا ته ڪم جو دٻاءُ نه هجڻ ۽ پگهار ملڻ بعد ماڻهن جون صلاحيتون ڪيترو وڌن ٿيون. اين جي او موجب شهرين کي جيڪڏهن غيرمشروط بنيادي پگهار فراهم ڪئي وڃي ته معاشري جا ڪيترائي مسئلا حل ٿي سگهن ٿا