ڪلوئي (ن پ ا) ڪلوئي ڀرسان زميني تڪرار تان قتل ٿيل ٻن ڄڻن جو 10 جوابدارن خلاف ڪيس داخل، پوليس جا ڇاپا، جوابدار هٿ نه آيا، خبر موجب ڳوٺ ناٿو خان ليل ۾ زمين جي مالڪي تان ليل ۽ سمان ڌرين جي جهيڙي ۾ مارجي ويل ٻن نوجوانن دودو سمون ۽ رحيم بخش سمون واري واقعي جو محمد بچل سمون جي فرياد تي 10 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪيس ۾ اشرف ليل، علي حسن ليل، روشن ليل، گلشير ليل ۽ ٻين کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي، فريادي موجب ڄاڻايل جوابدارن ٻن مامن دودو سمون ۽ رحيم بخش سمون کي گوليون هڻي قتل  ڪيو، ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پر هو هٿ اچي نه سگهيا، واضع رهي ته ٻني جي مالڪي تان جهيڙي ۾ 3 ماڻهو مارجي ويا آهن ۽ 7 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن، جڏهن ته پوليس تڪراري زمين تي پڪٽ پڻ قائم ڪري ورتي آهي.