ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ هڪ شخص جو تشدد ٿيل لاش ملڻ وارو معاملو حل، مقتول جي قتل ۾ سندس دوست ملوث نڪتو، جوابدار گرفتار، ايس ايس پي جاچ ڪياماڙي ظفر الله ڌاريجو موجب 8 آگسٽ تي سعيد آباد جي قبرستان مان تشدد ٿيل لاش هٿ آيو هو، جنهن جي سڃاڻپ ذوالفقار علي جي نالي سان ٿي هئي، انويسٽيگيشن پوليس ٽيڪنيڪل بنيادن تي ڪارروائي ڪري مقتول جي دوست افتخار علي کي گرفتار ڪيو، جنهن  ڏوهه جو اعتراف ڪندي چيو ته مقتول جي زال سان دوستي هئي، جنهن سان شادي لاءِ ذوالفقار کي قتل ڪيو آهي. ايس ايس پي انويسٽيگيشن موجب جوابدار ٻڌايو ته واقعي واري ڏينهن ذوالفقار کي موٽر سائيڪل تي سعيد آباد ۾ قبرستان وٽ وٺي ويس، اتي چندر لال سان گڏجي کيس ڏنڊا هڻي قتل ڪيم.