ڪشميري اڳواڻ کي آزاد ڪيو، آمريڪا جو ڀارت کان مطالبو

0
228

ڪراچي: آمريڪي ڪانگريس ميمبر بريڊ شرمين ڀارتي سفير کي خط لکي ڪشميري اڳواڻ خرم پرويز جي آزادي جو مطالبو ڪيو آهي

آمريڪي ڪانگريس ميمبر بريڊ شرمين طرفان ڀارتي سفير کي لکيل خط ۾ سوال اٿاريو ويو آهي ته خرم پرويز کان ڀارت کي ڪهڙو خطرو آهي

بريڊ شرمين لکيو ته خرم پرويز کي سندس گهروارن سان ملڻ جي به اجازت ناهي، خرم پرويز کي فيئر ٽرائل جو موقعو ڪڏهن ڏنو ويندو؟

ياد رهي ته والاريل ڪشمير ۾ قابض ڀارتي فورسز انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ ناليوارو ڪشميري اڳواڻ خرم پرويز کي گذريل سال نومبر ۾ سرينگر مان گرفتار ڪيو هو