ڪشمور(رپورٽر)ڪشمور ٿاڻي جي حد ڪلوڙ پاڙي واسڻ 5 درجي جي شاگردياڻي فاطمه چاچڙ کي انڊس پبلڪ اسڪول ۾ پڙھائيندڙ استاد طيب ملڪ 6 مھينن کان جنسي هراسان ڪيو آهي، فيسبڪ تي تصويرون رکڻ سميت مختلف طريقن سان نينگري کي حراسان ڪري دوستي رکڻ لاءِ اڪسايو. ميڊيا سان ڳالهائيندي متاثر نينگري فاطمه چاچڙ ٻڌايو استاد طيب ملڪ جنسي حراسان ڪيو، ان جي حرڪتن جي اسڪول انچارج مختيار احمد کي پڻ شڪايت ڪئي، جنهن دڙڪا داٻا ڏيندي چيو ته اسڪول جي ڳالهه اسڪول ۾ ختم ڪيو، چئي ڪري معاملي لئي مٽي ڪري ڇڏيو، استاد بليڪ ميل ڪندي نشي آور گوريون گھر ڀاتين کي کارائڻ لاءِ ڏنيون استاد جي حراس سبب گهر وارن کي گوريون رات جي ماني ۾ کارايون ۽ جنهن بعد والد ۽ گهر ۾ معصوم ڀائرن جي حالت انتهائي خراب ٿي وئي جن کي ڪشمور جي خانگي اسپتال ۾ طبي امداد ڏني وئي، ڪشمور پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو، وارثن جو چوڻ آهي ته ڪشمور پوليس جوابدار مٿان ڪيس داخل ڪرڻ کان قاصر بڻيل آهي پوليس طرفان الزام هيٺ آيل استاد کان نينگري کي حراسمينٽ ڪرڻ ۾ استعمال ٿيندڙ موبائل به گم ڪري ڇڏيو، پوليس طرفان نينگري جي وارثن کي استاد سان 2 لک رپين عيوض ٺاھ ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي.ايس ايچ او ڪشمور رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته نينگري کي هراسان ڪري گھر ڀاتين کي گوريون کارائڻ لاءِ اڪسائيندڙ جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي، نشي آور گوريون کائيندڙ متاثر ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ کڻي اچن، الزام ھيٺ آيل استاد مٿان ڪيس داخل ڪيو ويندو، ٻئي پاسي الزام هيٺ آيل استاد ۽ اسڪول انتظاميا کان موقف معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي شاگردياڻي کي حراسان ڪرڻ جي الزام هيٺ آيل استاد پوليس جي ڪسٽڊي ۾ ھئڻ ۽ اسڪول انتظاميا طرفان معاملي جو موقف سامهون ناهي اچي سگهيو.