ميرپور ساڪرو (ن پ ا) ميرپور ساڪري لڳ درياهه پير ويجهو ڪاتيار جيٽي وٽان مڇي جو شڪار ڪندي 30 ورھين جو نوجوان رفيق ملاح ٻڏي فوت ٿي ويو، مقامي ٽوٻن 7 ڪلاڪن جي ڳولا بعد نوجوان جو لاش هٿ ڪري ورتو، نوجوان جو مڙهه اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.