چرس پيئندو آھيان: آريان خان اعتراف ڪري ورتو

0
464
چرس پيئندو آھيان

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) ڀارتي مشھور اداڪار شاھ رخ خان جي پٽ چرس پيئڻ جو اعتراف ڪيو آھي.

بالي ووڊ ڪنگ شاھ رخ خان جي پٽ آريان خان ممبئي جي سمنڊ تي ھڪ ڪروز شپ تي ٿيندڙ پارٽي ۾ پابندي پيل نشي آور شيون وٺڻ ۽ پيئڻ جو اعتراف ڪري ورتو آھي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب ڪروز شپ تي تلاشي جي دوران جاچ آفيسر آريان خان ۽ ارباز مرچنٽ کان سوال ڪيو تھ ھُنن وٽ ڪا نشي واري شئي آھي، سوال جي جواب ۾ ارباز مرچنٽ تسليم ڪيو تھ ان وٽ چرس آھي، جيڪا جوتن ۾ لڪيل آھي.

ڀارتي ميڊيا موجب آريان خان اعتراف ڪيو آھي تھ ھو چرس پيئندو آھي ۽ ڪروز شپ تي بھ چرس پيئڻ وڃي رھيا ھئا، جاچ دوران ارباز مرچنٽ اين سي بي کي ٻڌايو تھ ھو آريان سان گڏ منشيات استعمال ڪندو رھيو آھي.

ھي به پڙھندا

شاهه رخ خان جي گرفتاري بعد پٽ سان پهرين ملاقات: آريان خان روئي ڏنو