لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي گڏيل سهڪار سان ڪرڪيٽرن ۽ پي سي بي اسٽاف جي ويڪسين جو پهريون مرحلو مڪمل ڪري ورتو آهي. پي سي بي جي پڌرائي موجب پهرين مرحلي ۾ 57 ڪرڪيٽرن ۽ ٻئين عملي جي ويڪسينيشن ڪئي وئي. جڏهن ته پي سي ايل 2021 سيزن 5 ۾ شرڪت ڪندڙ آفيشل اسٽاف کي به ويڪسين لڳائي وئي. ويڪسينيشن جو ٻيو مرحلو به جلد ئي شروع ڪيو ويندو.