ڪينبرا(اسپورٽس نيوز) آسٽريلين ٽيسٽ ڪرڪيٽر پيٽ ڪمنز چيو آهي ته ٽي-20 ورلڊ ڪپ يو اي اي منتقل ڪيو وڃي. هڪ پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي پيٽ ڪمنز چيو ته ڀارت م ڪورونا جي صورتحال انتهائي خطرناڪ ٿي وئي آهي. هن چيو ته عالمي ڪرڪيٽرن جواهڙي صورتحال ۾ ڀارت وڃڻ مشڪل آهي. آءِ سي سي کي ان حوالي سان فوري طور فيصلو ڪرڻ گهرجي ۽ ڀارت مان ٽي- 20 ورلڊ ڪپ يو اي اي منتقل ڪيو وڃي.