ڪراچي (نمائندن وٽان)  ڪراچي ۾ ٻن سنڌي انجنيئرن جي بيرحماڻي قتل خلاف سياسي سماجي اڳواڻن، سول سوسائيٽي پاران احتجاجي مظاهرا ڪري  ريليون ڪڍي ڌرڻا هنيا ويا، ان ڏس  ۾ ڪنڊيارو ۾ جسقم پاران مک اسٽار چوڪ تي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ميروخان ۾ جسقم ڪارڪنن پاران صوبدار جتوئي، حسن جتوئي۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.  مدئجي ۾ قومپرست تنظيمن جي ڪارڪنن پاران ظفرچنا، امداد سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو.جهڏو ۾جسقم پاران  ديشي نياز کوسو، مدن لعل سنڌي، ڊاڪٽر سيف رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.  عمرڪوٽ ۾  سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي  ڪامريڊ رمضان خاصخيلي، گل بجير ۽ ٻين احتجاج ڪيو.  نواب شاھه ۾  جساف ڊويزن پاران حنان عباسي، ڪاشف لاکو ۽ ٻين احتجاج ڪيو. حيدرآباد ۾ قومي عوامي تحريڪ سميت مختلف سياسي جماعتن ۽ ڌرين پاران الڳ الڳ احتجاجي مظاهرا ڪري قاتلن جي گرفتاري جا مطالبا ڪيا ويا آهن. قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر عزير ٽالپر، زينت سمون، ڊاڪٽر گلزار جماڻي، معشوق چانڊيو، نظير بليدي، بابو ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪيو. سنڌ جي قومپرست ڪارڪنن به ڪامريڊ شبير لغاري، آزاد يونس چانگ، عرس مشوري، مجاهد ميراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. ملڪ ويلفيئر ايسوسيئيشن پاران گلزار ملڪ، غلام مصطفيٰ ملڪ، آفتاب ملڪ، اسلم ملڪ، نعيم ملڪ، ڪليم ملڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو. ھالا ۾ جسقم ڪارڪنن پاران عبدالرشيد ڏيٿو. اياز سھتو. سيد ھاشم شاھ. فرحان سمون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ھالا پريس ڪلب ھالا اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.  گھارو  ۾ جسقم اڳواڻ اياز شاھ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.  دادو ۾ جسقم جي سڏ تي نياز چنو ، منصور جمالي ۽ هارون پنهور جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ڏوڪري ۾ جسقم ڪارڪنن رڪ سنڌي، ذوالفقار ديشي، مقصود، نهال پنهور جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو. لاڙڪاڻي ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران شيبا مغل، ڊاڪٽر مظهر مغل، صابر جروار جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. رتيديري ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي سڏ تي آصف اوڍو ، سجاد خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. لاڙڪاڻي ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ ۽ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن پاران مرڪزي اڳواڻ اطهر سومرو، ضلعي صدر عزيز الرحمٰن شيخ احتجاج ڪيو ويو. ميھڙ ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران مرڪزي سينئر نائب صدر وڪيل منور جتوئي ،وڪيل آفتاب مشوري، حاڪم سولنگي، تنوير چانڊيو ، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري نيشنل پريس ڪلب ميھڙ تائين ريلي ڪڍي وئي . گولاڙچي ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ پاران  محفوظ سنڌي ‘ مختيار چانڊيو ‘ موسا چانڊيو  زمان سنڌي ‘ سليم نوحاڻي ۽  ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. مظاهرن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ڪراچي جي مڇر ڪالوني ۾ سنڌي انجنيئر ايمن جاويد ۽ اسحاق پنهور کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو. هنن چيو ته ڪراچي ۾ مختلف بهانن سان سنڌي ماڻهن کي قتل ڪيو وڃي ٿو پر حڪومت ڌرتي ڌڻين جي تحفظ ۾ ناڪام ثابت ٿي آهي. مڇر ڪالوني ۾ بهارين هٿان ٻن سنڌي نوجوانن جو قتل حڪومت جي رٽ کي چئلينج ڪرڻ برابر آهي. هنن چيو ته سنڌ حڪومت غيرقانوني ٽڪيل بهارين، بنگالين ۽ افغانين کي تحفظ فراهم ڪري رهي آهي ان ڪري هر ڏينهن ڪراچي ۾ ڌارين جي آبادڪاري جو انگ وڌي رهيو آهي. هنن گهر ڪئي ته ڪراچي جي مڇر ڪالوني ۾ هجوم هٿان قتل ٿيل سنڌي نوجوانن جي خون سان انصاف ڪري سمورن قاتلن کي گرفتار ڪري سخت سزائون ڏنيون وڃن ۽ گڏوگڏ سنڌي ماڻهن کي تحفظ به فراهم ڪيو وڃي. هنن چيو ته اهڙن واقعن تي حڪومت جي خاموشي مجرماڻي آهي. قاتلن کي نوجوانن جي خون جو حساب ڏيڻو پوندو.