ڪراچي: ڪراچي جي مڇر ڪالوني ۾ 2 نوجوانن  کي پٿر  ۽ ڏنڊا هڻي بيدردي سان  قتل ڪرڻ واري واقعي بابت آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ ڊي آءِ جي ڏکڻ عرفان بلوچ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي چيمبر ۾ پيش ٿي اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪري ڇڏي، واضح  رهي ته  سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس گذريل ڏينهن مڇر ڪالوني  واقعي جو نوٽيس ورتو هو، ٻئي طرف عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته مڇر ڪالوني واقعي بابت رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي آھي. پوليس واقعي ۾ 15 جوابدارن کي گرفتار ڪيو آھي، چئن جوابدارن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي، جن کي عدالت ۾ به پيش ڪيو ويو آھي، باقي جوابدارن بابت جاچ جاري آھي،  آءِ جي سنڌ چيو ته منهنجي معلومات موجب پيش امام جو رول پازيٽو ( مثبت ڪردار ) ھو، هن ٻنهي نوجوانن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، آءِ جي سنڌ جو چوڻ هو ته اسان ٽاور بابت معلومات وٺي رهيا آهيون، هن وقت تائين گرفتار ڪيل جوابدار پاڪستاني آهن، جن وٽ شناختي ڪارڊ موجود آهي، هن چيو ته جن وٽ شناختي ڪارڊ ناهن، اهي پاڪستاني ناهن، انهن خلاف الڳ سان ڪارروائي ڪئي ويندي. هوڏانهن پوليس پاران وڌيڪ 12 جوابدارن کي دهشتگردي ٽوڙ  عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدان کي  اڳ ۾ گرفتار ڪيل 4 جوابدارن جي نشاندهي ۽ وڊيوز جي مدد سان گرفتار ڪيو آھي، انهي ڪيس ۾ 16جوابدار گرفتار ڪيا آهن، جڏهن ته ڪيس ۾ 11 نامزد ۽ 2 سئو کان وڌيڪ جوابدار روپوش آهن، عدالت جوابدارن کي 7 نومبر تائين جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪندي جاچ آفيسر کان ايندڙ ٻڌڻي تي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، جوابدارن ۾ جان عالم، عمران، بلال، منان، نورالحق، نوراسلام، احمدرضا، شفيق، حسين، علي حسين، زبير ۽شريف عرف شريفو شامل آهن. ھوڏانھن مقامي عدالت ۾ چئن جوابدارن جي سڃاڻپ پريڊ ڪرائي وئي، واقعي جي ٻه شاهدن چئني جوابدارن جي سڃاڻپ ڪري ورتي آهي .شاهدن جو چوڻ آهي ته جوابدارن ٽيليڪام ڪمپني جي ٻنهي ملازمن کي سرون ۽ پٿر هڻي تشدد ڪيو، اسان نوجوانن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر اسان تي به تشددڪيو ويو ويو، عدالت سڃاڻپ پريڊ کي عدالتي ڪارروائي جو حصو بڻائيندي جوابدارن کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو .