ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ نوجوان کي زخمي ڪرڻ وارو پوليس مقابلو ڪوڙو نڪتو، ايس ايچ او ۽ پوليس اهلڪار تي ڪيس داخل، ان ڏس ۾ 25 مارچ تي مبينه ٽائون پوليس مقابلي بعد نوجوان عثمان کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندس قبضي مان هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي. جڏهن ته زخمي ٿيل نوجوان جي وارث ٿاڻي جو گهيراءُ  ڪري سخت احتجاج ڪيو هو. وارثن جو موقف هو ته اسان جا طارق روڊ کان موٽر سائيڪل تي ايندڙ 2 نوجوان مبينه ٽائون ۾ دڪان تي کير وٺڻ لاءِ بيٺا، ان دوران ايس ايچ او رضوان رضي ساٿين سان پهچي عثمان کي ڄنگهه  ۾ گولي هنئي. وارثن جي احتجاج بعد ايس ايس پي اوڀر زبير نذير شيخ انڪوائري جو حڪم ڏنو هو، انڪوائري ۾ مقابلو جعلي نڪتو، جنهن بعد زخمي نوجوان جي چاچي نور محمد جي فرياد تي مبينه ٽائون ٿاڻي تي ايس ايچ او رضوان رضي تنولي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪيس ۾  هڪ نامعلوم اهلڪار کي به شامل ڪيو ويو، ڪيس ۾  قتل جي ارادي جا قلم شامل ڪيا ويا. واضح رهي ته ايس ايچ او رضوان رضي تنولي کي معطل ڪيو ويو هو