ٽنڊو محمد خان ( رپورٽر) ٽنڊو محمد خان ۾ گرلز هاءِ اسڪول جي هيڊمسٽريس پاران ٽن قومپرست اڳواڻن خلاف ڀتو گهرڻ واري معاملي ۾ 3 قومپرست اڳواڻن ٻن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا جاري آهن. ان ڏس ۾ ٽنڊومحمدخان جي سٽي ٿاڻي تي شهر جي گرلس ڪلسٽر هاءٌ اسڪول جي هيڊمسٽريس گل افشان ڀٽي جي پاران کائس 3 قومپرست اڳواڻن زاهد جسڪاڻي . جاويد هاليپوٽو ، ۽ دودو هاليپوٽو ، خلاف  سٽي ٿاڻي تي دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو جنهن ۾  ، هڪ قومپرست اڳواڻ زاهد جسڪاڻي کي پوليس بروقت  گرفتار  ڪري ورتو ،جنهن کي 28 مارچ اڱاري واري ڏينهن حيدرآباد جي دهشتگردي جي انت واري خاص عدالت ۾ ٻيهر  پيش ڪيو ويندو گرفتار ٿيل قومپرست ڳواڻ جي وڪيل علي محمد ميمڻ پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اڱاري ڏينهن 2 ڏينهن جو پوليس کي ڏنل رمانڊ ختم ٿي ويندو عدالت ساڳئي ڏينهن تي فريادي اسڪول جي هيڊمسٽريس گل افشان ڀٽي کي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءُ  عدالت گهرايو آهي ،ٻئي پاسي اسڪول جي هيڊمسٽريس گل افشان ڀٽي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته مونکي ڪورٽ جو اڃان تائين ڪوبه نوٽيس نه مليو آهي جئين ملندو ته آئون ڪورٽ سڳوري ۾ پنهنجي گواهن سان گڏ پيش ٿيندس   گرفتار اڳواڻ کي ٻن ڏينهن لاءِ پوليس کي ريمانڊ ڏئي ڇڏيو . هوڏانهن ٻئي ڏينهن به ٽنڊومحمدخان ، پريس ڪلب آڏو گرفتار اڳواڻ جيئي سنڌ محاذ جي زاهد جسڪاڻي  ۽ ٻن قومپرست اڳواڻن سنڌ نيشنل پارٽي جي دودو هاليپوٽو۽ جسم جي جاويدهاليپوٽو جي مٿان ڪيس داخل ڪرڻ واري عمل خلاف مختلف قومپرست پارٽين ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن مختيار خاصخيلي ، امتياز شاھ ، صوفي حامد ساجد سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي . ان موقعي اڳواڻن چيو ته جيئي سنڌ محاذ جي ضلعي صدر زاهد جسڪاڻي جي گرفتاري جي مذمت ڪريون ٿا اڳواڻن مٿان داخل ٿيل  دهشتگردي وارو  ڪوڙو ڪيس فوري طور تي واپس ورتو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو