ڪراچي ۾ هٿياربندن هٿان صحافي قتل

0
299
ڪراچي ۾ هٿياربندن

ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي)  ناظم آباد ۾ فائرنگ ڪري سما ٽي وي جي سينيئر پروڊيوسر صحافي اطهر متين کي قتل ڪيو ويو آهي، جنهن جو لاش عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي

پوليس موجب واقعو ناظم آباد جي مين شاهراهه تي پيش آيو، جتي موٽرسائيڪل تي سوار جوابدارن ڪار نمبر اي ايڇ ٽي 180 ۾ سوار اطهر متين کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪار جو موٽر سائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو، جنهن سبب هو ڪري پيا، ان مان هڪ جوابدارن پستول سان ڪار تي ٽي فائر ڪيا

پوليس موجب فائرنگ ۾ ڪار سوار موقعي تي ئي مارجي ويو، جڏهن ته جوابدار روڊ ڪراس ڪري ٻئي پاسي کان هڪ ٻئي موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا

پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ ۾ واقعو مزاحمت جو لڳي رهيو آهي، جڏهن ته حتمي جاچ کانپوءِ ڪجهه چئي سگهجي ٿو، پوليس موجب صحافي اطهر متين ٻارن کي اسڪول ڇڏڻ کانپوءِ گهر واپس وڃي رهيو هو ته کيس گوليون لڳيون جنهن سبب هو مارجي ويو، واقعي واري هنڌ وٽان 30 بور جي پستول جا خول مليا آهن

اطهر متين خانگي ٽي وي سما سان لاڳاپيل هو ۽ پروڊيوسر طور ڪم ڪري رهيو هو جڏهن ته مشهور نيوز ڪاسٽر ۽ اينڪر طارق متين جو ڀاءُ هو

سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شِخ ۽ پي ٽي آءِ ايم پي اي خرم شير زمان واقعي جي سخت مذمت ڪندي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي