“ريل بيهاريندس ڪٿي” نوجوان پاران ڏاج ۾ ملندڙ ريل وٺڻ کان انڪار

0
925

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) ڀارت ۾ جهيز جو سلسلو هڪ عرصي کان جاري آهي. احتجاج باوجود اڄ به ڪيترين ئي جائين تي جهيز ورتي ۽ ڏني ويندي آهي

گهر جي سامان کان علاوه روڪ رقم به جهيز ۾ ورتي ويندي آهي پر سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هڪ شخص دعويٰ ڪري رهيو آهي ته هن کي جهيز ۾ ٽرين ملي رهي هئي پر مان نه ورتي. جڏهن هن شخص کان پڇا ڪئي وئي ته هن ڇو نه ورتي جنهن تي هن ٻڌايو ته مون وٽ ٽرين بيهارڻ لاءِ جاءِ نه هئي ان لاءِ ٽرين وٺڻ کان انڪار ڪيو

هن چيو ته جيڪڏهن گاڏي ملي ها ته ضرور وٺان ها، ساهرا ٽرين پيا ڏين، هاڻي ٽرين وٺي ۽ هلائڻ ڪير سکي جنهن سبب ٽرين وٺڻ کان انڪار ڪيو. سوشل ميڊيا تي وڊيو کي لکين ڀيرا  ڏٺو ويو آهي، واهپيدارن ان تي دلچسپ تبصر ا به شروع ڪري ڏنا آهن. هڪ واهپيدار لکيو ته مونکي جهيز ۾ راڪيٽ ملي رهيو هو پر مان انڪار ڪري ڇڏيو ڇوته موٽرسائيڪل تي ئي هن جو مزو وٺي رهيو آهيان.