ڪراچي ۾ هونڊا شوروم جا مالڪ شيخ شيراز ۽ شيخ معيز گرفتار

0
812
Showroom owners arrested

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ فيروز آباد پوليس هونڊا شوروم جي مالڪ شيخ شيراز ۽ شيخ معيز کي گرفتار ڪري ورتو، ٻئي جوابدار مقامي عدالت ۾ ضمانت درخواست رد ٿيڻ بعد فرار ٿي ويا هئا، رات دير سان هوٽل تي ڇاپي دوران هڪ جوابدار شيخ سرمد فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته هونڊا شوروم جي مالڪ خلاف ڪيترائي ڪيسز داخل ٿيل آهن، هُن هڪ ڪاروباري شخصيت کي اغوا ڪيو ۽ هٿيارن جي زور تي 45 لک رُپيا به ڦر ڪيا، هونڊا شوروم جو مالڪ ڪاروباري ماڻهن کي مهانگي اگهه تي گاڏيون ڏيندو هو، گاڏين جي ڪاغذن لاءِ وري الڳ پئسا وٺندو هو، مختلف بئنڪس مان گاڏيون ڪڍرائڻ بعد پاڻ ئي اهي گاڏيون چوري ڪرائيندو هو..