سعيد غني سوشل ميڊيا تي حريم شاهه سان شادي وارين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي

0
619

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير سعيد غني سوشل ميڊيا تي ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه سان شادي وارين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي، پنهنجي ٽوئيٽ بيان ۾ صوبائي وزير چيو آهي ته آئون پنهنجي گهرواري ۽ ٻارن سان خوش زندگي گذاري رهيو آهيان، حريم شاهه کي نه سڃاڻان ٿو ۽ نه ئي وري ڪڏهن ساڻس مليو آهيان، تصديق بنا اهڙيون خبرون پکيڙڻ کان پاسو ڪيو وڃي، محترمه واقعي به شادي ڪئي آهي ته کيس مبارڪون ڏيان ٿو، ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه چيو هو ته مڙس هن وقت سنڌ ۾ وزير آهي ۽ اڳواٽ پرڻيل به آهي، مڙس کي پنهنجِي پهرين گهروارِي کي قائل ڪرڻو آهي، پوءِ آئون مڙس جِي اجازت سان سندس نالو ٻڌائينديس ۽ تصويرون به جاري ڪنديس..