نصير آباد مان کنڀي گم ڪيل سينگار نوناري جي گھرواري سنڌ ھاءِ ڪورٽ پھچي وئي

0
462

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) نصير آباد مان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪن سينگار نوناري جي گھرواري سنڌ ھاءِ ڪورٽ پھچي وئي، سينگار جي گھرواري فوزيه پاران سينگار جي گمشدگي بابت سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته 4 ڏينھن کان سينگار لاپتا آھي، جيڪڏهن سينگار جي مٿان ڪو الزام آھي ته کيس عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، پوليس ۽ ٻين سان رابطو ڪرڻ باوجود سينگار جو ڪو پتو نه پئجي سگھيو آھي، درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته سينگار کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏنو وڃي.