ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) ڪراچي ۾رٿيل مڪاني اليڪشن جو ٻيو مرحلو ملتوي ڪرائڻ لاءِ سنڌ سرڪار سرگرم، چيف سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن کي چوٿون ڀيرو خط لکي اليڪشن ملتوي ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، چيف سيڪريٽري پاران موڪل واري ڏينهن لاڳاپيل آفيسرن کي آفيس گھرائي  خط اليڪشن ڪميشن جي اختيارين ڏانهن اماڻيو ويو. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته 23 آڪٽوبر تي مڪاني اليڪشن جو ٻيو مرحلو اعلانيل آهي، ڪالهه چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت موڪل واري ڏينهن آفيس پهچي سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي جي اختيارين کي آفيس گھرائي اليڪشن ڪميشن ڏانهن خط اماڻيو، اليڪشن ڪميشن ڏانهن چوٿون ڀيرو لکيل خط ۾ سفارش ڪئي وئي آهي ته مڪاني اليڪشن 3 مهينن لاءِ ملتوي ڪئي وڃي. خط ۾ آءِ  جي سنڌ جي گھرو کاتي ڏانهن اماڻيل سفارش  جو به حوالو ڏنو ويو آهي. جنهن ۾ لکيل آهي ته سنڌ ۾ برسات جي تباهڪارين سبب پوليس مختلف ضلعن ۾ مصروف آهي، جنهن ڪري اليڪشن ڊيوٽي دوران گھربل نفري مهيا نه ٿا ڪري سگھون. واضح رهي ته انهي کان اڳ به چيف سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن جي اختيارين  کي 3 خط لکي چُڪو آهي.