اسلام آباد (بيورو رپورٽ) شاهه محمود قريشي جي ڌيءُ ۽ يوسف رضا گيلاني جي پٽ ۾ اڄ مقابلو ٿيندو،  اڄ قومي اسيمبلي جي 8 تڪن تي ٿيندڙ ضمني چونڊن ۾ 7 تڪن تي حڪومتي اتحاد جي پارٽين جي اميدوارن سان مقابلي لاءِ پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان ميدان ۾ لهندو، جڏهن ته ملتان جي قومي اسيمبلي تڪ تي شاهه محمود قريشي جي ڌيءَ مهربانو قريشي جو مقابلو پيپلزپارٽي جي يوسف رضا گيلاني جي پٽ سيد علي موسيٰ گيلاني سان ٿيندو. حڪومتي اتحاد ۽ پي ٽي آءِ پاران اميدوان جي ڪاميابي لاءِ نهن چوٽي جا زور لڳايا پيا وڃن.