ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ هٿيارن  جي زور تي شهري کان ڦرلٽ، پوليس جي پهچڻ تي مقابلو، جوابدار ۽  متاثر شهري مارجي ويا، تيموريه جي علائقي هارون شاپنگ سينٽر سامهون هٿياربند شهري جهانگير کان ڦرلٽ ڪري رهيا هئا ته گشت تي موجود پوليس پهتي ته مقابلو ٿيو. پوليس موجب مقابلي دوران هڪ جوابدار توڙي متاثر شهري  مارجي ويا. پوليس موجب متاثر شهري کي ڦورن يا پوليس جي گولي لڳي؟ معاملي جي انڪوائري ڪئي پئي وڃي،