شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور پوليس دوڙ واسي نوجوان کي مبينا مقابلي ۾ زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ  ڪئي آهي، پوليس موجب ٻيراڻي ڦاٽڪ وٽ مقابلي ۾ هڪ جوابدار اعجاز وساڻ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، پوليس موجب ٻيراڻي ڦاٽڪ وٽ ڏوھ جي ارادي سان 3 ڏوهاري بيٺل هئا ته سندن پوليس سان مقابلو ٿي پيو، جنهن ۾ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته سندس ٻه ساٿي فرار ٿي ويا، پوليس موجب جوابدار نوابشاھ ۽ ميرپورخاص ٿاڻن تي مختلف ڪيسن ۾ گهربل آهي، جڏهن ته شھدادپور ٿاڻي تي مٿس ڊيوٽي اٽڪاءُ ۽ ناجائز هٿيار رکڻ جا ٻه ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، زخمي جوابدار کي سِمس اسپتال بعد حيدرآباد ريفر ڪيو ويو، علائقي ۾ چوٻول آهن ته نوجوان کي گرفتاري بعد هاف فراءِ ڪيو ويو آهي.