ڪراچي ۾ مئل حالت ۾ اسپتال آندل ٽڪ ٽاڪر جي سس جو بيان اچي ويو

0
735

May be an image of 1 person and scarf

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ مئل حالت ۾ اسپتال آندل ٽڪ ٽاڪر جي سس جو بيان اچي ويو

ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ مئل حالت ۾ آندل ٽڪ ٽاڪر عائشه جي سس جو چوڻ آهي ته ننهن رات سالگرهه جي دعوت جو ٻڌائي هلي وئي هئي، ان کانپوءِ ڇا ٿيو، خبر ناهي، هن چيو ته وڊيو ۾ نظر ايندڙ مرد ۽ عورت کي نٿي سڃاڻيان، 2 سال اڳ منهنجي پٽ جي شادي ٿي هئي

مرحومه جي سس جو وڌيڪ چوڻ هو ته منهنجو پٽ نشي جو عادي ۽ ڊرائيور آهي، عاشئه جو تعلق رحيم يار خان سان هو

ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته جنهن گاڏي ڪرائي تي ورتي امڪاني طور تي اهو ئي شخص ڇوڪري جو لاش اسپتال ڇڏي ويو، گلستان جوهر جو رهواسي جمن ڇوڪري کي ڪجهه مهينن کان پارٽين ۾ موڪليندو هو

پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته گلستان جوهر جي رهواسي جمن جي ڳولا جاري آهي، جنهن بنگلي ۾ پارٽي ٿي ان جي مالڪ 7 سال اڳ گهر ڪرائي تي ڏنو هو، عائشه جي سس به سرد خاني آئي پر پوليس سان رابطو نه ڪيو

پوليس جو چوڻ آهي ته عائشه جي وارثن جي ڪراچي پهچڻ بعد قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، ڇوڪري جو لاش اسپتال ڇڏي فرار ٿيندڙ مرد ۽ عورت جي ڳولا جاري آهي

هي به پڙهندا

ڪنڌڪوٽ :ساوند سندراڻي تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، فائرنگ، نوجوان قتل