آسمان مان من و سلويٰ ملي نه ملي پيزا ملي ويندو

0
294
آسمان مان من و سلويٰ ملي نه ملي پيزا ملي ويندو
آسمان مان من و سلويٰ ملي نه ملي پيزا ملي ويندو

لنڊن(انٽريسٽنگ نيوز) برطانيا جي مشهور ميوزڪ ميلي ۾ بکين ماڻهن جي بک ختم ڪرڻ لاءِ هاڻ اڏامندڙ لباس (جيٽ پيڪ) وارا ڪارڪن پيزا فراهم ڪري رهيا آهن

ان جو سبب اهو آهي ته ماڻهن جو تمام وڏو انگ کليل ميدان تي گاهه تي ويهي ميوزڪ ٻڌندو آهي ۽ رش مان نڪري کائڻ پيئڻ ۾ پريشاني ٿيندي آهي

ڊومينو پيزا جي ڪارڪنن فيسٽيول کان اڳ ئي ان جي مشق ڪئي هئي ۽ هاڻ هو 20 جون کان شروع ٿيل ميلي ۾ پيزا پهچائي رهيا آهن. اهو منظر ڏسي ماڻهو حيرت ۽ خوشي جو اظهار ڪندا آهن

ڊومينو جي ترجمان سيم ولسن جو چوڻ آهي ته ميلي ۾ هر هنڌان آرڊر ملندا آهن ۽ پنڌ وڃي هر ماڻهو تائين کاڌو پهچائڻ ممڪن نه آهي ان ڪري اسان جديد جيٽ پيڪ کي آزمايو، اسان جا رڪيٽ مين ماڻهن جي تنبوئن تائين پهچي کاڌو فراهم ڪندا آهن