ڪنگ خان جي ڌيءُ سهانا ڪروڙن جي زمين خريد ڪري ورتي

0
229
ڪنگ خان جي ڌيءُ سهانا ڪروڙن جي زمين خريد ڪري ورتي
ڪنگ خان جي ڌيءُ سهانا ڪروڙن جي زمين خريد ڪري ورتي

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان جي  23 ورهين جي ڌيءُ سهانا خان 12 ڪروڙ جي زرعي زمين خريد ڪري ورتي آهي

ڀارتي ميڊيا موجب شاهه رخ خان جيڪو اڳ ۾ ئي مهانگي گهر، گاڏين ۽ اثاثن جو مالڪ آهي هاڻ سندس ڌيءُ سهانا خان به 12 ڪروڙ ڀارتي رپين عيوض زرعي زمين خريد ڪئي آهي

سهانا خان اها زمين هڪ ڳوٺ ۾ خريد ڪئي جنهن تي 1218 ايڪڙ چورس فوٽ تائين تعميراتي ڪم پڻ ٿيل آهي. بالي ووڊ ڪنگ جي ڪڪي جائيداد جي خريداري تي ايندڙ 77 لک ٽيڪس پڻ ادا ڪيو آهي سهانا خان اها زمين ٽن ڀينرن کان خريد ڪئي آهي

جن کي اها زمين وراثت ۾ ملي هئي. ڀارتي ميڊيا موجب پراپرٽي جي رجسٽريشن وي يو فارم پي وي ٽي لميٽيڊ جي نالي سان ٿي آهي. واضح رهي ته سهانا خان اداڪاري ۾ پنهنجو ڊيبيو ڪرڻ لاءِ تيار آهي هن دي آرچيز نالي فلم ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا آهن