ڪراچي ۾ سڀاڻي ننڍي چونڊ: ڌانڌلي جو خدشو آھي: شاھد خاقان

0
232
وزيراعظم ڌمڪين تي لھي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، امير مقام ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سڀاڻي ڪراچي جي تڪ اين اي 249 ۾ اليڪشن آهي، ن ليگ سميت مختلف جماعتون حصو وٺن پيون، پرزائيڊنگ عملو تبديل ڪيو پيو وڃي، اليڪشن ڪميشن کي شڪايت کان آگاهه ڪيو ويو آهي، هنن چيو آهي ته سنڌ جي صوبائي ۽ وفاقي حڪومت سرڪاري وسيلا استعمال پيا وڃن، ننڍي چونڊ آهي،وفاقي ۽ صوبائي حڪومت سخت سيڪيورٽي مهيا ڪري، پولنگ ايجنٽس کي موبائيل فون رکڻ جي اجازت ڏني وڃي ته جيئن ڪنهن هنگامي حالت ۾ يا ڪنهن خرابي جي نشاندهي ڪري سگهجي، هنن چيو آهي ته اسان پولنگ اسٽيشن جي لسٽ ٺاهي آهي، اها اليڪشن ڪميشن کي ڏينداسين جتي گڙ ٻڙ جو خدشو آهي، 10 پولنگ اسٽيشنن تي ڌانڌلي جا امڪان آهن، انهي تي سيڪيورٽي مهيا ڪئي وڃي، هنن چيو آهي ته ڪجهه علائقن ۾ فائرنگ ڪري پولنگ بند ڪرائي ويندي، مهاجر ڪيمپ، رانگڙ محله، بسم الله ۽ ٻين علائقن ۾ وڌيڪ سيڪيورٽي مهيا ڪئي وڃي، هن تڪ جي بدنصيبي آھي جو پ پ 13سالن ۾ ڪو ڪم ناهي ڪيو پر اليڪشن ويجهو ايندي ئي اربين روپيا خرچ ڪيا آهن، هنن چيو آهي ته ن ليگ جي ڪاميابي آهي جو اڄ ھتي ڪم ٿئي پيو، پر بدنصيبي سان اهو سڀاڻي کان وري بند ٿي ويندو، هن تڪ تان چونڊيل فيصل واوڊا وفاقي وزير به پاڻي جو هو پر هن ٽن سالن ۾ پنهنجي ووٽرن کي پاڻي فراهم نه ڪيو، پئسن سان اتي پاڻي ملي ٿو، هڪ لک 20 هزار گهر آهن جتي پاڻي موجود آهي پر پئسن سان ڏنو وڃي ٿو جهن جي ذميوار صوبائي حڪومت ۽ وفاقي حڪومت آهي، هنن چيو آهي ته بشير ميمڻ تي ڪير آڱر نٿو کڻي سگهي، هو چوي ٿو ته وزيراعظم ۽ مشير چوندا هئا ته ججن ۽ سياستدانن تي دٻاءُ وجهي ڪيس داخل ڪرڻ جو چيو ويو هو، 22هين گريڊ جو پوليس آفيسر جيڪا ڳاله ڪري ٿو انهي جي جاچ ٿيڻ گهرجي، هنن چيو آهي ته جهانگير ترين تي ڪيس ٿيندا پر عمران خان ۽ صوبائي حڪومت پنجاب جي به جهانگير ترين جي ڪري ئي آهي، نواز شريف کي هن ملڪ جو سڀني کان پراڻو ۽ تجربيڪار سياستدان آهي، هن تي ڪرپشن هي حڪومت توڙي پرويز مشرف ثابت نه ڪري سگهيا، جج کي بليڪ ميل ڪري فيصلو ڏياريو ويو پوءِ ھن جج کي نوڪري مان ڪڍيو ويو ۽ مري ويو پر نواز شريف تي اڄ به سزا برقرار آهي.