سنڌ سرڪار پاران سڀاڻي کان ٽرانسپورٽ بند ڪرڻ واري اعلان تي ٽرانسپورٽرز جو احتجاج

0
415

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ سرڪار پاران سڀاڻي کان ٽرانسپورٽ بند ڪرڻ واري اعلان تي ٽرانسپورٽرز جو احتجاج، ٽرانسپورٽرز پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي تھ هوائي جهاز ۽ ريل گاڏيون هلي رهيون رهن آهن فئڪٽريون ۽ ڪارخانا به کليل آهن، رڳو ٽرانسپورٽ بند ڪرڻ سان ڪورونا وائرس ختم نھ ٿيندو.وزيراعليٰ سنڌ سڀاڻي کان ٽرانسپورٽ بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو پر پوليس ڪالھھ کان سمورا اڏا سيل ڪري ڇڏيا آهن، پبلڪ ٽرانسپورٽ هلائيندڙ ڊرائيور کي 500 ۽ ڪنڊيڪٽر کي 300 ملن ٿا فيصلي سان هزارين پورهيت بيروزگار بڻجي عيد نه ڪري سگهندا، منظور بروھي، عرفان ملڪ، صادق ۽ ٻين جو چوڻ ھو تھ فيصلي تي نظرثاني ڪري سنڌ ۾ ننڍن وڏن روٽس تي ايس او پيز تحت ٽرانسپورٽ هلائڻ جي اجازت ڏني وڃي.