ڪراچي ۾ آسمان تي ڪارو ”مون هالو“ ڏٺو ويو

0
410

ڪراچي(م ڊ) گذريل رات سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ آسمان تي ڪارو ”مون هالو“ ڏٺو ويو آهي.

موسميات جي ماهرين پاران به ڪراچي جي آسمان تي ڪارو مون هالو ڏسڻ جي تصديق ڪئي وئي.

ماهرين جو چوڻ آهي ته مون هالو زمين جي مٿانهين سطح تي تمام گهڻو مٿي هجڻ تي وڌيڪ نمي جي مودجوگي جي ڪري ٺهي ٿو.

ماهرين جو چوڻ آهي ته نمي جو وڌيڪ هجڻ سٺا ٿنڊر سيلز ٺهڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو.