ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ھاءِ ڪورٽ ڪراچي جي علائقي بھادر آباد ۾ مدرسي ۾ پڙھڻ لاءِ ويل نوجوان عبدالله کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف داخل ڪيل درخواست تي وفاقي ۽ صوبائي گھرو سيڪريٽرين، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري 12 آگسٽ تي جواب طلب ڪري ورتو آھي. ڄاڻايل نوجوان جي وارثن پاران داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آھي ته عبدالله مدرسي پڙھڻ ويو هو، جتان هو واپس نه آيو آھي، عدالت کي گذارش ڪئي وئي آھي ته ڄاڻايل نوجوان کي بازياب ڪرايو وڃي.