ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پي ٽي آءِ ايم اين اي ڊاڪٽر عامر لياقت جي لاڏاڻي سبب خالي ٿيل ڪراچي جي قومي تڪ اين اي 245 تي رٿيل ننڍي چونڊ لاءِ ڊاڪٽر فاروق ستار سميت 31 اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ منظور ٿي ويا . چونڊن ۾ بيهندڙ 27  اميدوارن جو تعلق سياسي ۽ مذهبي جماعتن سان آهي، جڏهن ته 4 آزاد اميدوارن جا به نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا آهن . اليڪشن ڪميشن  موجب انهي تڪ تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ 27 جولاءِ تي ٿيندي. اليڪشن ڪميشن موجب ايم ڪيو ايم جي 5 اميدوارن  شهاب امام، افشان قمبر، ڪرن مسعود، معيد انور، ۽ حافظ محمد شهريار خان،  پ پ جي 4 اميدوارن محمد دانش خان، فرخ نياز تنولي ، قمر احمد خان ۽ محمد رياض، پي ٽي آءِ جي 4  اميدوارن محمود باقي مولوي، هارون رشيد،  جمال الدين صديقي، ۽ صالم سچواني، ٽي ايل پي جي 3 اميدوارن محمد احمد رضا، محمد شعيب، عبدالوحيد، نواز  ليگ جي 2 اميدوارن محمد اسد عثماني ۽ رائو محمد جميل ، پي ايس پي جي 3 اميدوارن  سيد حفيظ الدين ، حسان صابر  ۽ ارشد ووهره،  جي يو آءِ جي 2 اميدوارن محمد غياث ۽  امين الله پنهنجا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا هئا،  جڏهن ته ڊاڪٽر فاروق ستار، محسن عباس، محمد شاهه رخ ۽ سلامت کوکر جا آزاد حيثيت ۾ داخل نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا آهن