سانگهڙ (رپورٽر) سانگهڙ ضلعي جي چئن ميونسپل ڪاميٽين جي 54 وارڊن مان پ پ 44 وارڊ، ٽائون ڪاميٽين جي 65 وارڊن مان 47 تي ڪاميابي حاصل ڪئي، جي ڊي اي کي ضلعي جي ميونسپل ڪاميٽين تي 9 وارڊن مان ڪاميابي ملي، ٽائون ڪاميٽين جي 15 وارڊن تان به سندن اميدوار سوڀارا ٿيا، جڏهن ته 17 يونين ڪائونسلز مان 9 جي ڊي اي، 6 پيپلز پارٽي، هڪ ن ليگ ۽ هڪ آزاد اميدوار کٽي ورتي، ان ڏس ۾ جي ڊي اي نتيجا قبول ڪرڻ کان انڪار ڪندي چونڊن کي تاريخ جي بدترين ڌانڌلي قرار ڏني آهي، ايم پي اي وريام فقير خاصخيلي چيو آهي ته چونڊن ۾ بوگس ووٽ وجهي سرڪاري اميدوارن کي ڪامياب ڪرايو ويو، جنهن ۾ سموري حڪومتي مشينري استعمال ٿي آهي،