ڪراچي پوليس آفيس تي حملي جي رٿابندي افغانستان ۾ ٿي، ماسٽرمائينڊ مارجي ويو: شرجيل ميمڻ

0
178
حملي جي رٿابندي افغانستان ۾ ٿي
ڪراچي پوليس آفيس تي حملي جي رٿابندي افغانستان ۾ ٿي، ماسٽرمائينڊ مارجي ويو: شرجيل ميمڻ

ڪراچي پوليس آفيس تي حملي جي رٿابندي افغانستان ۾ ڪئي وئي هئي، حملي جي ماسٽرمائينڊ سميت 2 دهشتگرد مارجي ويا آهن

صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته گذريل رات 3 وڳي 4 دهشتگرد موٽرسائيڪل ذريعي بلوچستان مان سنڌ ۾ داخل ٿيا

هن چيو ته  سي ٽي ڊي پوليس منگهو پير جي مائي ڳاڙهي ڳوٺ وٽ دهشتگردن کي روڪيو، مقابلي ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا ۽ ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو

مارجي ويل دهشتگردن جي سڃاڻپ آرياد الله ۽ توحيدالله جي نالن سان ٿي، ٻئي ڪي پي او تي حملي جا ماسٽرمائينڊ هئا، گرفتار دهشتگردن جي سڃاڻپ عبدالعزيز ۽ مهراڻ عرف مهربان جي نالن سان ٿي آهي، گرفتار دهشتگردن پنهنجو تعلق بندش پيل ٽي ٽي پي سان ٻڌايو آهي

هن کي به پڙهندا

ڊجيٽل آدمشماري بابت پنهنجا خدشا وفاق آڏو رکيا آهن: مراد علي شاهه