سنڌ ٻن طبقن ۾ ورهايل آهي، هڪڙا حڪمران ۽ ٻيا غلام آهن، يتيمن جي فنڊن تي سيڪريٽريز جا ٻار پڙهندا آهن: عدالت

0
376

سکر: سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ جي جج جسٽس صلاح الدين پنهور ريمارڪس ڏنا آهن ته سنڌ ٻن طبقن ۾ ورهايل آهي، هڪڙا حڪمران ۽ ٻيا غلام آهن، هتي يتيمن جي فنڊن تي سيڪريٽرين جا ٻار پڙهندا رهيا آهن

ليبر ڪالوني جي فليٽس بابت درخواست جي ٻڌڻي دوران صوبائي وزير سعيد غني به عدالت آڏو پيش ٿيو

جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته سنڌ ۾ مزدورن جي ٻارن لاءِ 6 ارب روپين جي اسڪالرشپ رکيل آهي، انهن پئسن مان توهان مزدورن جي ٻارن کي آمريڪا مان پڙهائي سگهو ٿا، پر هتي ته هر شيءِ بگڙيل آهي، ماضيءَ ۾ يتيمن جي فنڊز تي سيڪريٽرين جا ٻار اسڪالرشپ وٺندا رهيا آهن

چئلينج ٿا ڪيون ته توهان هائير ايجوڪيشن ۾ اسڪالر شپ وارا هڪ سئو ٻار ڏيکاريو، توهان انڊومينٽ فنڊ ڇو نه ٿا قائم ڪيو؟

سعيد غني چيو ته اسڪالرشپس تي غريبن جا ٻار پڙهن ٿا، اسان هنن جا ٽرسٽي آهيون، توهان ڀروسو رکو اسان فرض شناسي سان ڪم ڪنداسين

صوبائي وزير اعتراف ڪيو ته ليبر ڪالوني جي ڪجهه فليٽس تي قبضا ٿيا هئا جيڪي رينجرز جي مدد سان هٽايا ويا