ڪراچي: قاتلاڻي حملي ۾ زخمي ٿيل پي ٽي آءِ اڳواڻ جي گهرواري زخمن جا سور نه سهندي فوت

0
479

ڪراچي: منگھوپير ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ عيسيٰ خان ۽ سندس گھرواري تي قاتلاڻي حملي واري معاملي ۾ زخمي ٿيل عيسيٰ خان جي گھرواري بختاور اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو. رات دير سان عيسيٰ خان ۽ سندس گھرواري بختاور تي قاتلاڻو حملو ٿيو هو، بختاور کي مٿي ۾ گولي لڳي هئي، سندس هنج ۾ ويٺل ٻار معجزاڻي نموني محفوظ رهيو