سنڌ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 14 مريض فوت، 605 نوان ڪيس ظاهر

0
210

ڪراچي: سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 14221 ڪورونا ٽيسٽون ڪيون ويون جن ۾ 605 نوان ڪيس ظاهر ٿيا، جڏهن ته 14 مريض فوت ٿي ويا. اهڙي ريت فوتين جو ڪل انگ 5،306 ٿي ويو. اڄ وڌيڪ 722 مريض صحتياب ٿيا، جنهن بعد صحتياب ٿيندڙ ماڻهن جو انگ 305419 تائين پهچي ويو آھي. هن وقت 19810 مريض علاج هيٺ آهن. جن مان 576 مريضن جي حالت نازڪ ۽ 44 مريض وينٽيليٽرز تي آهن.