ڪراچي: صحت کاتي جا ملازم سنڌ سيڪريٽريٽ پھچي ويا، پوليس ۽ مظاھرين ۾ ڇڪتاڻ

0
331

ڪراچي (نمائندن وٽان) صحت کاتي جي ملازمن جا مطالبا تسليم نه ٿيا، گرينڊ هيلٿ الائنس جي سڏ تي ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ستين ڏينهن به احتجاج جاري آھي، اسپتالن ۾ او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪيو ويو آھي، مريض رُلي ويا

 ڪراچي ۾ ملازمن پاران ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پوليس کين روڪي ورتو، حيدرآباد، ٽنڊو ڄام، چمبڙ، مورو ۽ ميروخان جي اسپتالن ۾ ڪم ڇڏ هڙتال ڪئي وئي آھي

ڪراچي ۾ گرينڊ ھيلٿ الائنس پاران رسڪ الائونس نه ملڻ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو آھي، ملازم سموريون رڪاوٽون ٽوڙي سنڌ سيڪريٽريٽ پهچي ويا

سنڌ سيڪريٽريٽ جي گيٽ آڏو ملازم پھچي ويا آھن، ڪبوتر چوڪ تي وڏي انگ ۾ مظاھرين موجود آھن، پوليس جو وڏو انگ پڻ موجود آھي، مظاھرين ۽ پوليس ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آھي

ھي به پڙھندا

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ گرينڊ هيلٿ الائنس جي سڏ تي احتجاجي مظاهرا