وزيرآباد ۾ عمران خان تي ٿيل حملي جي داخل ايف آءِ آر منظر عام تي اچي وئي

0
187
پي ٽي آءِ جو لانگ

وزيرآباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان تي ٿيل قاتلاڻي حملي خلاف داخل ايف آءِ آر منظر عام تي اچي وئي آھي

سب انسپيڪٽر عامر شهزاد جي فرياد تي وزير آباد سٽي ٿاڻي تي داخل ايف آءِ آر نمبر 22، 669 ۾ 302، 224 ۽ 440 سوڌو دهشتگردي جا قلم شامل ڪيا ويا

ايف آءِ آر موجب ڪنٽينر جي ساڄي پاسي کان فائرنگ ڪئي وئي، جوابدار نويد کي ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو

سوشل میڈیا پر زیر گردش ایف آر کا عکس — فوٹو:سوشل میڈیا

سپريم ڪورٽ 24 ڪلاڪن اندر عمران خان تي ٿيل حملي جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو

ٻئي پاسي پاڪستان تحريڪ انصاف عمران خان تي حملي جي داخل ڪرايل ايف آءِ آر  رد ڪري ڇڏي آھي

پي ٽي آءِ آڳواڻ فرخ حيبب پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته جوابدار جا 2 بيان ڏياري مذهبي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي،حڪومت مرضي سان ايف آءِ داخل ڪرائي،ايف آءِ آر مان سمورو مامرو ظاهر ٿي چڪو آهي

ھي به پڙھندا

عمران خان کي اي ڪي فورٽي سيون جي گولي لڳي: بابر اعواڻ جي دعويٰ

اسلام آباد پوليس پي ٽي آءِ اڳواڻن جا گرفتاري وارنٽ حاصل ڪري ورتا

راڻا ثناءُ الله مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي: عمران خان صدر کي خط لکي ڇڏيو