سنڌ جي مختلف شهرن ۾ گرينڊ هيلٿ الائنس جي سڏ تي احتجاجي مظاهرا

0
240
سنڌ جي مختلف شهرن ۾

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ گرينڊ هيلٿ الائنس جي سڏ تي احتجاجي مظاهرا ڪيا پيا وڃن، مختلف شهرن ۾ گرينڊ هيلٿ الائنس جي  سڏ تي او پي ڊيز، آپريشن ٿيٽرز ۽  ويڪسينيشن جو بائيڪاٽ ڪري مظاھرا جاري رکيا ويا آھن

حيدرآباد، هالا، مورو، شاهپور چاڪر،  ميرو خان، فيض گنج، ميرو خان ۾ صحت کاتي جا ملازم سراپا احتجاج بڻيل آھن

پيرا ميڊيڪل اسٽاف، نرسن ۽ ڊاڪٽرن پاران احتجاج جاري رکندي سڀاڻي ڪراچي ۾  پريس ڪلب کان مارچ جو اعلان ڪيو ويو آھي

مظاهرين پاران هيلٿ رسڪ الائونس، نرسز کي 16 هين گريڊ مان 17 هين ۾ پروموشن جي بحالي جو مطالبو ڪيو ويو آھي

اڳواڻن جو چوڻ آھي تھ پيراميڊيڪس جي ٽائيم  اسڪيل ۽ ڊينٽل ڊاڪٽرس جي  سمري منظور ڪئي وڃي،  ڊيپوٽيشن پاليسي جوڙي 6 الڳ ڪيڊر ٺاهيا وڃن